سينير اڳواڻ جاويد هاشمي چيو آهي ته غيبي هٿ اهڙا ڪم سياسي حڪومتن خلاف ڪندا آهن

Javed-Hashmi-24317

سينير اڳواڻ جاويد هاشمي چيو آهي ته غيبي هٿ اهڙا ڪم سياسي حڪومتن خلاف ڪندا آهن، هڪ مرحلي تي ميان نوازشريف ته ٻئي مرحلي تي بينظير ڀٽو استعمال ٿي . مون کي خبر ناهي ته منهنجو نالو ڪيئن آيو.

سپريم ڪورٽ ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد هاشمي چيو ته منهنجو نالو ڪٿان آيو، ڪا خبر ناهي،

هن چيو ته مان پنج سال نيب جو ڪيس ڀوڳي چڪو آهيان، اهو مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي جو جهيڙو هو،

سينيئر اڳواڻ چيو ته اڄ عدليا آڏو پيش ٿي چيو ته مان جاچ لاءِ حاضر آهيان، مون تي ڪوڙو الزام لڳايو ويو آهي،  اڄ عدالت ۾ بيٺو آهيان، ڀلي جاچ ڪئي وڃي.

هن چيو ته غيبي هٿ اهڙا ڪم سياسي حڪومتن خلاف ڪندا رهندا آهن، هڪ مرحلي تي ميان نوازشريف ته ٻئي مرحلي تي بينظير ڀٽو استعمال ٿي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*