سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي شهر مان 22 ٻارن جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس جي رپورٽ وٺڻ کان انڪار ڪندي ايس ايس پي، سي پي ايل سي کي هر صورت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڪيو

Sindh-High-Court-Case-11117

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي شهر مان 22 ٻارن جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس جي رپورٽ وٺڻ کان انڪار ڪندي ايس ايس پي، سي پي ايل سي کي هر صورت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڪيو.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ۾ چيو ته ايس ايس پي، سي پي ايل سي ڇو پيش نه ٿيو آهي.

پوليس عدالت کي اگاهه ڪيو ته اڄ 21 رمضان آهي، ان ڪري ايس ايس پي سي پي ايل سي پيش نه ٿيو آهي.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ايس ايس پي، سي پي ايل سي جو 21 رمضان ۾ ڪهڙو ڪم آهي.

درخواستگذار جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته پوليس ٻارن جي بازيابي ۾ دلچسپي نه وٺي رهي آهي، 20 ٻارن مان 8 ٻارن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، اڃان 12 ٻار رهيل آهن.

عدالت پوليس کي هدايت ڪئي ته 12 جون تائين رهيل ٻارن جي بازيابي کي يقيني بڻائي پيش ڪيو وڃي، ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*