ملير جي جڊيشل مئجسٽريٽ شاهه رخ جتوئي جي ٻاهرين ملڪ فرار ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي 7 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Shahrukh-Jatoi-Case-131217

ملير جي جڊيشل مئجسٽريٽ شاهه رخ جتوئي جي ٻاهرين ملڪ فرار ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي 7 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت جوابدار کي پيش نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

 جيل انتظاميه عدالت کي آگاهه ڪيو ته شاهه رخ جتوئي جو ٻاهرين ملڪ فرار ٿيڻ وارو ڪيس حساس آهي، جوابدار کي موت جي سزا مليل آهي، گهرو کاتي جوابدار جي چرپر تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

جيل انتظاميه چيو ته جوابدار موت جي سزا جو قيدي آهي، جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ خطرو آهي، ان ڪري کيس عدالت ۾ پيش ڪري نٿا سگهون.

هنن چيو ته گهرو کاتي کي ڪيس جي ٻڌڻي جيل ۾ ڪرڻ لاءِ خط لکيو ويو آهي،پر اڃاتائين گهروکاتي کان ڪو نوٽيفڪيشن ناهي مليو.

عدالت گهرو کاتي پاران جوابدار جي چرپر تي پابندي بابت رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 7 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*