ڪراچي کي روشنين جو شهر بڻايو ويندو، شرجيل انعام ميمڻ

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو ايم ڪيو ايم سان بائيڪاٽ واري تجويز قبول نه ڪئي هئي، ڪو حڪومت ۾ اچي يا نه اچي ڪراچي ۾ آپريشن بنا مداخلت جي جاري رهندو.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته 2007ع ۾ مختلف پارٽين ايم ڪيو ايم سان بائيڪاٽ ج  اعلان ڪيو هو پر بينظير ڀٽو اهڙي تجويز قبول نه ڪئي هئي.

صوبائي وزير چيو ته ڪو حڪومت ۾ اچي يا نه اچي ڪراچي ۾ آپريشن بنا مداخلت جي جاري رهندو.

شرجيل انعام ميمڻ  چيو  ته شاهراهه فيصل کي سگنل فري ۽ ڪراچي کي روشنين  جو شهر بڻايو ويندو.

شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ روڊن جو ڄار وڇايو ويندو ۽ شهر جو اوج  موٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

هن چيو ته لياري ۾ آپريشن پ پ ڪرايو آهي ۽ پيپلزپارٽي عدالتي ڪيس ۾ مداخلت نه ڪندي آهي.

Comments

  1. imtaiz
    imtaiz 18 March, 2015, 23:54

    I love km

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*