راڻيپور، ميهڙ ۽ ميان صاحب ويجهو ٽن ڌارڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ سميت 3 ڄڻا فوت ۽ ايس ايڇ او زخمي ٿي پيوآهي

Road-Accident-201016

راڻيپور، ميهڙ ۽ ميان صاحب ويجهو ٽن ڌارڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ سميت 3 ڄڻا فوت ۽   ايس ايڇ او زخمي ٿي پيوآهي.

راڻيپور قومي شاهراهه تي  تاج  پمپ وٽ بيٺل ڪار کي ڊمپر جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ اُڪري ٿاڻي جو  اي ايس آءِ  اڪبر خاصخيلي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته  ايس ايڇ او بچل قاضي زخمي ٿي پيو، لاش ۽ زخمي کي راڻيپور اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ميان صاحب ويجهو  قومي شاهراهه تي ڊمپر جوٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾نوجوان روشن چنو فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.

فوتي نوجوان جي وارثن  لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو ۽ ڊمپر ڊرائيور کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

هوڏاهن ميهڙ باءِ پاس ويجهو مسافر ڪوچ  جي ٽڪر ۾ نوجوان سردار عباسي ٿڏي تي فوت ٿي ويو .

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

لاش گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*