ڊگهڙي ۾ ڪولهي برادري جي ماڻهن پ پ پاران ڪامريڊ نيمداس ڪولهي کي مخصوص سيٽ نه ڏيڻ خلاف اڄ ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي

digri ahtjaj

ڊگهڙي ۾ ڪولهي برادري جي ماڻهن پ پ پاران ڪامريڊ نيمداس ڪولهي کي مخصوص سيٽ نه ڏيڻ خلاف اڄ ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

ڀڳت هيمن داس ۽ مگهن داس جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظآهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪولهي برادري جا هزارين ووٽ هجڻ باوجود پ پ ڪولهي برادري جي ڪامريڊ نيمداس ڪولهي کي مخصوص سيٽ ناهي ڏني. اها ڪولهي برادري جي ماڻهن سان ناانصافي آهي.

هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيو آهي، پر ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري کان مطالبو ڪيو ته ڪولهي برادري جي ڪامريڊ نيمداس ڪولهي کي مخصوص سيٽ ڏني وڃي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*