پني عاقل جي پرائيوٽ ميٽرنٽي هوم ۾ويم دوران عورت ٻار سميت فوت ٿي وئي

pano aqil aurat foat ahtjaj

پني عاقل جي پرائيوٽ ميٽرنٽي هوم ۾ويم دوران عورت ٻار سميت فوت ٿي وئي، عورت جي وارثن ليڊي ڊاڪٽر  خلاف احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته سندن عورت  ليڊي ڊاڪٽر جي غفلت سبب فوت ٿي آهي.

ڳوٺ ڳاڙھڪو جي رهواسڻ عورت ظهيران ميراڻي  شهر جي پرائيوٽ ميٽرنٽي هوم ۾ ويم دوران ٻار سميت فوت ٿي وئي.

عورت جي وارثن ليڊي ڊاڪٽر خلاف احتجاج ڪندي نعريباي ڪئي، جنهن دوران عملي سان منهن ماري ٿي پئي.

ان موقعي تي وارثن چيو ته ليڊي ڊاڪٽر پاران آپريشن دوران غفلت ڪرڻ سبب سندن عورت فوت ٿي وئي.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پرائيوٽ ميٽرنٽي هوم جي ليڊي ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*