ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اي سي ايل سي ڪارروائي ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

Karachi-Police-24916

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اي سي ايل سي ڪارروائي ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب گرفتار جوابدار مختلف ڏوهن ۾ ملوث آهن.

اي سي ايل سي پوليس پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو ته لانڍي ۽ ملير ۾ ڪارروائي دوران جوابدار ريحان عرف سفيان، شڪيل، غلام عباس، فرحان شامل آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار  ريحان شروعاتي جاچ دوران مبينا ٽائون ۾ اي ايس آءِ اسلم قادري کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

پوليس چيو ته گرفتار جوابدار قتل، ڦر، اغوا سميت ٻين واقعن ۾ ملوث آهن، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*