اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ حتمي دليل ڏيندي نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي چيو آهي ته قطري شهزادي جو بيان اڻ لاڳيپل آهي

nawaz sharif

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ حتمي دليل ڏيندي نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي چيو آهي ته قطري شهزادي جو بيان اڻ لاڳيپل آهي، آف شور ڪمپنين ذريعي اصل ملڪيت لڪائي وئي، نوازشريف ئي لنڊن فليٽس جو اصل ملڪ آهي، قطري شهزادي جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ کان لنوايو، 22 جون 2017 تي قطري شهزاد کي ٻيهر گهرايو ويو هو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ شريف ڪٽنب خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف پيش ٿيو.

ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنسز ۾ حتمي دليل  ڏيندي سردار مظفر عباسي چيو ته آڏي پڇا دوران چيو ويو ته قطري شهزادي کي ڌمڪي ڏني وئي، جيڪو درست نه آهي،

هن چيو ته قطري شهزادي شرط رکيا ته نه هو پاڪستان سفارتخاني ۾ پيش ٿيندو ۽ نه ئي عدالت ۾ پيش ٿيندو.جنهن تي جي آءِ ٽي چيو هو ته اوهان نٿا اچو ته اسان دوحه ٿا اچون پر قطري شهزادي اچڻ کان لنوايو.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جي آءِ ٽي 24 مئي 2017 تي قطري شهزادي کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ گهرايو هو.

نيب پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته 22 جون 2017 تي قطري شهزادي کي ٻيهر گهرايو ويو، جي آءِ ٽي جو نوٽيس قطري شهزادي کي ملي ويو هو، پر هو پيش نه ٿيو.

هن چيو ته جي آءِ ٽي ٻيهر قطري شهزادي جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن ته 11 جولاءِ 2017 ع تي قطري شهزادي جو ٻيو جواب آيو

نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي چيو ته قطري شهزادي جو بيان اڻ لاڳاپيل هو ۽ آف شور ڪمپنين ذريعي اصل ملڪيت لڪائي وئي، نوازشريف ئي لنڊن فليٽس جو اصل مالڪ آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*