اليڪشن ڪميشن پروفيسر حسن عسڪري کي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر ڪري ڇڏيو

hassan askari

اليڪشن ڪميشن پروفيسر حسن عسڪري کي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر ڪري ڇڏيو، ايڊيشنل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته، اجلاس دوران پي ٽي آءِ طرفان تجويز ڪيل حسن عسڪري جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو، حسن عسڪري ڪولمبيا ۽ پنجاب يونيورسٽي ۾ سياست جي شعبي جو پروفيسر رهيو، کيس سياسي ۽ پرڏيهي معاملن تي عبور حاصل آهي.

اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا خان جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير جي نالن تي غور ڪيو ويو.

اليڪشن ڪميشن ميمبرز حڪومت طرفان تجويز ڪيل ايڊمل (ر) ذڪاءَ الله ۽ جسٽس (ر) سائر علي جي نالن تي غور ڪيو. جڏهن ته اپوزيشن پاران ڏنل نالن اياز امير ۽ پروفيسر حسن عسڪري رضوي جي نالن تي به غور ڪيو ويو.

اليڪشن ڪميشن موجب، آرٽيڪل 224 تحت اليڪشن ڪميشن ميمبرز  پروفيسر حسن عسڪري  رضوي کي پنجاب جو وڏو وزير نگران وڏو وزير نامزد ڪيو ويو آهي.

ايڊيشنل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته، اجلاس دوران پي ٽي آءِ طرفان تجويز ڪيل حسن عسڪري جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو، حسن عسڪري ڪولمبيا ۽ پنجاب يونيورسٽي ۾ سياست جي شعبي جو پروفيسر رهيو، کيس سياسي ۽ پرڏيهي معاملن تي عبور حاصل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*