سپريم ڪورٽ پاڻي جي معاملي ۽ ڊيمن جي تعمير جي حوالي سان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن کا معاون مقرر ڪري ڇڏيو

supreme court of pakistan-5

سپريم ڪورٽ پاڻي جي معاملي ۽ ڊيمن جي تعمير جي حوالي سان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن کا معاون مقرر ڪري ڇڏيو، ڪالا باغ ڊئم معاملي تي ٽياڪڙي جي آڇ ڪندي چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته ڪالا باغ ڊيم تي شمس الملڪ عيد کانپوءِ بريفنگ ڏيندو، ڪالا باغ ڊيم تي اتفاق راءِ ڪرڻو پوندو، سياستدانن کي اڳتي اچڻ گهرجي، مون هڪ هڪ شئي جا انگ اکر گڏ ڪيا آهن، زردار ي ۽ نوازشريف کي گهرائي پڇون ٿا  ته انهن پاڻي جي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ پاڻي معاملي ۽ ڪالا باغ ڊيم بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته پاڻي جي معاملي تي ورڪشاپ ۽ سيمينار ڪرائي سگهجن ٿا.

چيف جسٽس چيو ته ڪالا باغ ڊيم تي شمس الملڪ عيد کانپوءِ بريفنگ ڏيندو، ڪالا باغ ڊيم تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي.سياستدانن کي اڳتي هجڻ گهرجي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڊئمن جي اڏاوت واري معاملي تي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو، مون هڪ هڪ شئي جا انگ اکر گڏ ڪيا آهن.

چيف جسٽس چيو ته اسان ٻارڙن کي ڇا ڏيڻ پيا وڃون ۽ مستقبل لاءِ ڇا پيا ڇڏيون،

چيف جسٽس ڊئمن واري معاملي تي ٽياڪڙي جي آڇ ڪندي چيو ته آصف علي زرداري ۽ نوازشريف کي گهرائي پڇون ٿا ته انهن پاڻي جي لاءِ ڇا ڪيو آهي.

سپريم ڪورٽ پاڻي جي معاملي ۽ ڊيمن جي تعمير جي حوالي سان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن کا معاون مقرر ڪري ڇڏيو.

ٻڌڻيءَ دوران اعتزاز احسن چيو ته، چئني صوبن جي اتفاق راءِ کانسواءِ ۽ وفاق کي داءُ تي لڳائي ڪالاباغ ڊئم نٿو ٺهي سگهي.

عدالت اعتزاز احسن کان 10 ڏينهن ۾ تجويزون طلب ڪندي ٻڌڻي  21 جون تائين  ملتوي ڪري ڇڏي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*