ميرپوربٺورو ۾ دڙو لڳ واقع ڳوٺ گل محمد سولنگي جي رهواسين پاران بااثر زميندارن جي زيادتين ۽ ماڻهن جي مبينا گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي

mp bathoro baasar zyadatn khlaf ahtjaj

ميرپوربٺورو ۾ دڙو لڳ واقع ڳوٺ گل محمد سولنگي جي رهواسين پاران بااثر زميندارن  جي زيادتين ۽ ماڻهن جي مبينا گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو آهي.

شاهنواز لنڊ ۽ قادر بخش زئور جي اڳواڻي ۾ مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ميرپور بٺورو جي مين بس اسٽاپ وٽ سجاول_حيدرآباد روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هڻي، نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن دانهيندي چيو ته  سولنگي برادري جي بااثر زميندارن صمد ميمڻ، عبدالله ميمڻ،  عزيز الله ميمڻ هنن جي زندگيءَ عذاب بڻائي ڇڏي آهي. ڳوٺ گل محمد سولنگي ۾ هو سرڪاري ڀڏي تي ابن ڏاڏن کان آباد آھن ۽ اتي موجود پلاٽن جون سندون به آهن پر بااثر زميندار زبردستي ڳوٺ مان لڏائڻ جي لاءِ مختلف طريقن سان پريشان ڪري رھيا آھن.

هنن چيو ته دڙو پوليس سندن ماڻهن تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ٽن ڳوٺاڻن دين محمد سولنگي، محمد امين سولنگي ۽ آچار سولنگي کي گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته ڳوٺ جو ھڪ مک ماڻهو صالح سولنگي گذريل ٽن ڏينهن کان وٺي غائب آهي جنهن جي ڪابه خبر نه آهي ته ڪٿي آهي.

رهواسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته زيادتيون ڪندڙن بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري سندن مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪرائي گرفتار ڳوٺاڻن کي آزاد ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*