بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئٽا ۾ فوجي هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ ايف سي جو هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ ٻن ايف سي اهلڪارن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

fauji helicopter crash

بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئٽا ۾ فوجي هيليڪاپٽر ڪري  تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ ايف سي جو هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ ٻن ايف سي اهلڪارن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي جو هيليڪاپٽر ڪاهان ۾ ميڊيڪل مشن فلائٽ تي هو ۽ زخمي کي کڻي اچي رهيو هو ته هيليڪاپٽر هنگامي لينڊنگ سبب  ڪريش ٿيو.

ڪوئٽا جي اوڀرندي باءِ پاس تي فوجي هيليڪاپٽر فني خرابي سبب ڪري تباهه ٿي ويو،

حادثي جي نتيجي ۾ ايف سي جو هڪ اهلڪار ٿڏي تي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته ٻن ايف سي اهلڪارن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر موجب، آرمي جو هيليڪاپٽر ڪاهان ۾ ميڊيڪل مشن فلائٽ تي هو ۽ زخمي کي کڻي اچي رهيو.

آءِ ايس پي آر موجب فني خرابي سبب هيليڪاپٽر هنگامي لينڊنگ ڪئي، جنهن سبب  ڪريش ٿيو.  حادثي جي نتيجي ۾ عملو ۽ پائليٽ محفوظ رهيا..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*