لوئر دير ۾ پوليس موبائل ويجهو ڌماڪو جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او سميت 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن

lower dir

لوئر دير ۾ پوليس موبائل ويجهو ڌماڪو جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او سميت 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن.

ميدان واري علائقي ۾  پوليس موبائل ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او بخت منير ۽ ڪانسٽيبل عرفان شهيد ٿيا ويا، جڏهن ته 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا.

ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل اهلڪارن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي.

اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي علائقي کي گهيري هيٺ  آڻي سرچ آپريشن ڪيو.

پوليس موجب، گذريل ڏينهن امن ڪميٽي جو هڪ ڪارڪن قتل ٿيو هو، جنهن سبب پوليس واقعي واري هنڌ وڃي رهي هئي ته رستي تي ڌماڪو ٿيو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*