عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي اهليت سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪئي وئي

 عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي اهليت سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪئي وئي آهي، عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته شيخ رشيد کي اثاثن جا تفصيل ظاهر نه ڪرڻ تي کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

مسلم ليگ ن جي شڪيل اعواڻ عوامي مسلم ليگ شيخ رشيد جي سربراهه شيخ رشيد جي اهليت خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته شيخ رشيد نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت اثاثن جا تفصيل ظاهر نه ڪيا، اليڪشن ٽربيونل کيس مخالف ميمبر جو موقف ٻڌڻ کانسواءِ ئي نااهل قرار ڏنو.

عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته شيخ رشيد جي اهليت بابت اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*