عظيم ڏاهي، تاريخدان، اديب ۽ ناليواري سياستدان رسول بخش پليجي جو مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ منگر خان پليجو جي قبرستان ۾ گيتن ۽ نعرن سان ڀيٽا پيس ڪندي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

thatha  rasool bux tadfeen

عظيم ڏاهي، تاريخدان، اديب ۽ ناليواري سياستدان رسول بخش پليجي جو مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ منگر خان پليجو جي قبرستان ۾ گيتن ۽ نعرن سان ڀيٽا پيس ڪندي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ سياسي اڳواڻن، سنڌياڻي تحريڪ جي عورت ڪارڪنن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

رسول بخش پليجو جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ مُنگر خان پليجو ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ اياز لطيف پليجو، قادر مگسي، تاج جويو، سسئي پليجو، آزاد امير حسن پنهور، نياب سرڪش ۽ ٻين سياسي اڳواڻن، دانشورن ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي عورت ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پاران عوامي تحريڪ جي سربراهه جو مڙهه لحد ۾ لاهڻ وقت سنڌ ياڻي تحريڪ جون عورت ڪارڪنن گيت ڳائي ۽ نعرا هڻندي رسول بخش پليجو کي ڀيٽا پيش ڪنديون رهيون.

عوامي تحريڪ پاران 40 ۽ قومي عوامي تحريڪ پاران 15 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو.

عوامي تحريڪ جي سربراهه جو تعزيتي تڏو سندس اباڻي ڳوٺ مُنگر پليجو ۾ وڇايو ويو آهي، جتي مختلف شخصيتن، قومپرست اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ علائقي واسين پاران تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*