سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر يوسف خٽڪ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جاري ڪرڻ ۽ جمع ڪرائڻ واري تاريخ ۾ ٽن ڏينهن جي واڌ ڪئي آهي

Election-Karachi-28716

سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر يوسف خٽڪ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جاري ڪرڻ ۽ جمع ڪرائڻ واري تاريخ ۾ ٽن ڏينهن جي واڌ ڪئي آهي، هاڻي اميدوار نامزدگي فارم 11 جون تائين جمع ڪرائي سگهندا.

جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي  اليڪشن ڪمشنر يوسف خٽڪ چيو ته صوبائي اسيمبلي لاءِ عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ هن وقت تائين 46 فارم جمع ٿي چڪا آهن.

هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ هن وقت تائين 12 نامزدگي فارم جمع ٿي چڪا آهن.

صوبائي اليڪشن ڪمشنر يوسف خٽڪ چيو ته صوبائي اسيمبلي جي اقليتي سيٽن لاءِ هن وقت تائين 21 فارم جمع ٿي چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*