دادو ۾ ضلعي ڪائونسل جي رٽائرڊ ملازم پينشن جا پيسا نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

dadu mulazim pension na milan khlaf ahtjaj

دادو ۾ ضلعي ڪائونسل جي رٽائرڊ ملازم پينشن جا پيسا نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

دادو جي ضلعي ڪائونسل جي رٽائرڊ چوڪيدار ڪريم بخش پينشن جي رقم نه ملڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي بک هڙتال ڪئي.

احتجاج ڪندڙ رٽائرڊ چوڪيدار چيو ته ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين کيس هڪ سال کان دلاسن ۾ رهائي پينشن جا ساڍا 8 لک جاري نه ڪري رهيو آهي، جنهن سبب هو خاندان سميت بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهي.

هن گهر ڪئي ته کيس پينشن جا پيسا جاري ڪري بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*