اليڪشن ڪميشن طرفان نواز ليگ جا اعتراض رد ڪرڻ بعد پنجاب جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري عهدي جو حلف کڻي ورتو

punjab caretaker cm oath`

اليڪشن ڪميشن طرفان نواز ليگ جا اعتراض رد ڪرڻ بعد پنجاب جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري عهدي جو حلف کڻي ورتو، پنجاب جي گورنر ملڪ رفيق رجوانا وڏي وزير جو حلف کڻايو.

گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير جي حلف برادري تقريب ٿي، جنهن ۾ گورنر رفيق رجوانا پروفيسر حسن عسڪري کان نگران وڏي وزير جي عهدي جو حلف کڻايو.

پروفيسر حسن عسڪري جي مقرري تي مسلم ليگ ن طرفان اعتراض ڪيو ويو هو پيپلزپارٽي به خدشا ظاهر ڪيا پر اليڪشن ڪميشن خدشن کي رد ڪندي پروفيسر حسن عسڪري جي مقرري کي درست قرار ڏنو هو.

پروفيسر حسن عسڪري 1980ع ۾ يونيورسٽي آف پنسلوانيا  مان پي ايڇ ڊي ڪئي، کيس فل برائيٽ اسڪالر سپ به ڏني وئي.

پروفيسر حسن عسڪري پنجاب يونيورسٽي ۾ پوليٽڪل سائنس جو پروفيسر به رهي چڪو آهي، کيس تعليم ۽ ريسرچ جي شعبي ۾ اهم تجربو آهي، هو ڪالم نگار ۽ تجزيه نگار آهي. ..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*