سپريم ڪورٽ راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ پاڻي جي کوٽ تي ورتل نوٽيس جي ٻڌڻي دوران سي ڊي اي چيئرمين کي طلب ڪري ورتو آهي

supreme court

سپريم ڪورٽ راولپنڊي ۽ اسلام  آباد ۾ پاڻي جي کوٽ تي ورتل نوٽيس جي ٻڌڻي دوران سي ڊي اي چيئرمين کي طلب ڪري ورتو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ پاڻي کوٽ بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇا ڪئي ته اهي سڀ ماڻهو موجود آهن، جن جا ٽيوب ويلز آهن، جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته 8 ڄڻا عدالتي ڪمري ۾ موجود آهن، جن ۾ زمرد خان، ملڪ ابرار، شهزاد خان، سجاول محبوب سميت ٻيا شامل آهن.

ملڪ ابرار پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو ته منهنجو نالو ملڪ ابرار آهي، مان اڳوڻو قومي اسيمبلي جو ميمبر آهيان،

چيف جسٽس چيو ته اوهان پنهنجو تعارف ڇڏيو، اوهان  ڪير به آهيو، پر مون کي اهو ٻڌايو  ته ڇا اوهان ٽيوب ويل ذريعي پاڻي ٽيڪرز کي ڏيندا آهيو. جنهن تي ملڪ ابرار چيو ته منهنجو ڪو به ٽيوب ويل نه آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان اوهان جي بيان کي نوٽ ڪري ٿا وٺون، جيڪڏهن غلط بياني ڪئي ته عدالتي ڪارروائي ٿيندي،

چيف جسٽس، زمرد خان کان پڇا ڪئي ته اوهان ٻڌايو ته اوهان تي به ساڳيو الزام آهي، جنهن تي هن چيو ته مون تي لڳل الزام غلط آهي، منهنجو ڪو به ٽيوب ويل نه آهي.

زمرد خان چيو ته سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان ڪجهه گزارشون ڪرڻ چاهيان ٿو. راولپنڊي ڪنٽونمنٽ بورڊ جي علائقي ۾ پاڻي جو سخت بحران آهي، ڪينٽ بورڊ ۽ سي ڊي اي هڪ ٻئي سان سهڪار نه ڪري رهيون   آهن.

زمرد خان ٻڌايو ته ڪيترائي علائقا اهڙا آهن، جتي انتظاميا طرفان پاڻي نه پيو ڏنو وڃي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڇا ماڻهو ٽيڪرز جو پاڻي استعمال ڪندا آهن، ايترو پاڻي ته ماڻهو مفت ۾ وٺي رهيا آهن.

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته پاڻي جي فراهمي بابت ضابطه اخلاق هن وقت تائين ڇو نه ٺهيو آهي،

جنهن تي ميونسيپل ڪارپوريشن جي نمائندي چيو ته ايندڙ اجلاس ۾ ٽيوب ويل مان پاڻي استعمال ڪندڙن تي ٽيڪس لڳائڻ جو سوچي رهيا آهيون.

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته سپريم  ڪورٽ جي نوٽيس بعد ئي اوهان کي پوءِ ڇو ياد ايندو آهي، ڪيترن ڏينهن ۾ ٽيڪس لاڳو  ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

ميونسيپل جي نمائندي  عدالت کان 15 ڏينهن جو وقت گهري ورتو، جنهن تي چيف جسٽس چيوته سي ڊي اي ۽ ميونسيپل ڪارپوريشن پاڻي معاملي تي گڏيل حڪمت عملي جوڙين.

عدالت ٻڌڻي دوران  سي ڊي اي چيئرمين کي طلب ڪري ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*