خيرپور ۽ قاضي احمد ۾ شيعا علماءَ ڪائونسل ۽ وحدت المسلمين پاران ڌار ڌار فلسطين جي حق ۾ ريليون ڪڍيون ويون آهن

khairpur shia council rally

خيرپور ۽ قاضي احمد ۾ شيعا علماءَ ڪائونسل ۽ وحدت المسلمين پاران ڌار ڌار فلسطين جي حق ۾ ريليون ڪڍيون ويون آهن.

خيرپور ۾ شيعا علما ڪائونسل جي اڳواڻن مولانا مظهر حسين ۽ مولانا اسد علي شر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

قاضي احمد ۾ شيعا علماءَ ڪائونسل ۽ وحدت المسلمين جي اڳواڻن سيد علي حسن شاهه ۽ن جاويد علي راهو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

ريلي ۾ ماڻهن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اسرائيل بيگناهه فلسطينن تي ظلم ڪري رهيو آهي، ايتري ظلم باوجود انساني حقن واريون تنظيمون تماشائي بڻيل آهن.

هنن چيوته هن وقت سڄي دنيا جي مسلمانن کي هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ ٿي فلسطينن سان ٿيندڙ ظلم خلاف هڪ آواز ٿيڻ گهرجي، نه ته اسان اقليت ۾ تبدلي ٿي وينداسين.

هنن مطالبو ڪيو بيگناهه فلسطينن تي ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو سلسلو وسيع ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*