پنجاب جي مختلف علائقن ۾ برسات پوڻ سبب موسم خوشگوار ٿي وئي

Hafizaabad Rain 9618 7558

پنجاب جي مختلف علائقن ۾ برسات پوڻ  سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، حافط آباد، ساهيوال، فيصل آباد، جهنگ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ کنوڻ سان گڏ تيز برسات پوڻ سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو.

حافظ آباد ويجهو وڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت بيهوش ٿي وئي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

برسات سبب هيٺانيهن وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته بجلي جو نظام پڻ درهم برهم ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*