نگران حڪومت جو ڪم صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ آهي، پنجاب نگران وڏي وزير حسن عسڪري

Punjab CM Hasan Askari 9618 7657

پنجاب جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري چيو آهي ته نگران حڪومت جو ڪم صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ آهي، اليڪشن ڪميشن کي فريم ورڪ تحت سهڪار فراهم ڪنداسين، نگران ڪابينا مختصر ۽ غير سياسي هوندي.

لاهور ۾ علامه اقبال جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران وڏي وزير حسن عسڪري چيو ته صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ اسان جي ذميوارين ۾ شامل آهي.

هن چيو ته بنيادي ترجيح اليڪشن کي آزاد ۽ شفاف بڻائڻ آهي، اليڪشن ڪميشن کي فريم ورڪ تحت سهڪار فراهم ڪنداسين.

حسن عسڪري چيو ته نگران ڪابينا مختصر ۽ غير سياسي هوندي، ڪابينا ۾ پروفيشنل ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو.

هن چيو ته ميڊيا سان پهرين به تعلق هو، آئنده به رهندو، چونڊ عمل سان جمهوريت مضبوط ٿئي ٿي.

حسن عسڪري چيو ته منهنجي ڪا به سياسي ايجندا نه ماضيءَ ۾ هئي نه مستقبل ۾هوندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*