واهي پانڌي ۾ ڳوٺاڻن پاران گاج ڊيم ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي

Wahi Pandhi Lund Baradri jo Protest 9618 7659

واهي پانڌي ۾ ڳوٺاڻن پاران  گاج ڊيم ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.

ڳوٺ پوٽو لنڊ جي رهواسين نياز لنڊ ۽ عبدالحميد لنڊ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته پنهنجي زمين جو معاضو  ۽ روزگار گهرڻ تان گاج ڊيم تي ڪم ڪندڙ ڊي بلوچ ڪپمني ۽ گاج بنگلا پوليس پاران ڳوٺاڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، جيڪو سلسلو اڃا به جاري آهي.

هنن چيو ته تازو مڇي جي شڪار تي ويل ٻن ڳوٺاڻن کي پوليس کنڀي کڻي لاڪپ ڪيو،  جنهن مان هڪ ڳوٺاڻي کي پئسن جي ڏيتي ليتي بعد آزاد ڪيو ويو ، جڏهن ته هڪ ڳوٺاڻي اياز لنڊ مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي.

هنن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻيل ڪمپني ۽ گاج پوليس خلاف نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*