دادو ۾ ڳوٺ شهداد برهماڻي جي ناري پيءَ سان گڏجي اڳوڻي مڙس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي

Dadu Nari Protestr Press Club 9618 7660

دادو ۾ ڳوٺ شهداد برهماڻي جي ناري  پيءَ سان گڏجي اڳوڻي مڙس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

ناري شاهده برهماڻي سندس پيءَ دين محمد برهماڻي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته اڳوڻو مڙس امان الله ناري شاهده برهماڻي تي بلاجواز تشدد ڪندو هو، جنهن تان ناري هڪ سال اڳ عدالت مان طلاق وٺي ڇڏي هئي.

هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدار گهر ۾ گهڙي ڌيءَ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ناري جي رڙين تي ڳوٺاڻن بچائي ورتو، اهڙي واقعي کانپوءِ پوليس ٿاڻي وياسين پر پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هن اعليٰ اختيارين  کان گهر ڪئي ته جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري سندن تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*