لاهور ۾ مڇريل ماڻهن پاران پڪڙي ساڙي قتل ڪيل ٻئي نوجوان جي به ڊي اين اي ٽيسٽ رپورٽ اچي وئي

لاهور جي يوحنا آباد ۾ مڇريل ماڻهن پاران پڪڙي ساڙي قتل ڪيل ٻئي نوجوان جي به ڊي اين اي ٽيسٽ رپورٽ اچي وئي آهي.

ڊي اين اي ٽيسٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مڇريل ماڻهن هٿان ساڙي قتل ڪيل بابر نعمان آهي.

ڊي اين اي رپورٽ موجب بابر نعمان جي والدين جا جيڪي جزا ورتا ويا هئا، انهن سان ساڙي قتل ڪيل نوجوان جي جزن match  ڪيو، جنهن کانپوءِ بابر نعمان جي نالي سان سندس سڃاڻپ کي Declare   ڪيو ويو.

ان کان اڳ محمد نعيم نالي نوجوان جي سڃاڻپ به ڊي اين اي ٽيسٽ وسيلي ڪئي وئي.

ياد رهي ته يوحنا آباد ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ گرجا گهرن تي آپگهاتي حملا ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ مڇريل ماڻهن ٻن شڪي نوجوانن کي پڪڙي انسانيت سوز تشدد بعد کين ساڙي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ سندن سڃاڻپ لاءِ سندن لاشن جا جزا ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ اماڻيا ويا، جنهن مان هڪ نوجوان جي اڳ ۾ سڃاڻپ ٿي وئي هئي، جڏهن ته ٻئي نوجوان جي اڄ بابر نعمان جي نالي سان سڃاڻپ ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*