قاضي احمد پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل شاگرد سجاد جوکيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن اڄ 29 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي

Dulatpur Protest Student murder 9618 7662

قاضي احمد پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل شاگرد سجاد جوکيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن  اڄ 29 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو  آهي.

معشوق جوکيو ۽ اسد علي جوکيو  جي اڳواڻي ۾ وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن دانهيندي چيو ته قتل ۾ ملوث جوابدار علي بخش مگسي، علي رضاگورچاڻي ۽ ٻيا جوابدار هن مهل تائين گرفتار  نه  ٿي سگهيا آهن. جوابدار بااثر هئڻ ڪري ڪيس تان هٿ کڻڻ ۽ راڄوڻي فيصلو ڪرڻ لاءِ  دٻاءُ وجهي رهيا آهن،

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سجاد جوکيو جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدار کي گرفتار ڪري سندن انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*