جيڪڏهن ڪراچي ۾ هڪ مهيني دوران نالن جي صفائي نه ڪرائي وئي ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي, چيف جسٽس

Saqib Nisar 9618 7663

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ هڪ مهيني دوران نالن جي صفائي نه ڪرائي وئي ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري ۽ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر سميت ٻيا عملدار پيش ٿيا.

 عدالت رمارڪس ۾ چيف سيڪريٽري چيو ته اسان کي به شهر جو ڪٿي وزٽ ڪرايو؟ جنهن تي چيف سيڪريٽري عدالت کي آگاهه ڪيو ته شهر ۾ صفائي بابت ميئر ئي ٻڌائي سگهي ٿو.

ميئر وسيم اختر عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڪراچي ۾ بهتر آئي آهي، ڪم تيزي سان جاري آهن.

عدالت ميئر کان پڇيو ته ڪراچي جا شهري ترقياتي ڪمن بابت محسوس ڪن ٿا، صفائي واري صورتحال بهتر ٿي آهي؟

هن چيو ته شهر ۾ نالن جي صفائي وارو ڪم تيزي سان جاري آهي، پهرين کان بهتر ڪم ٿي رهيو آهي.

چيف جسٽس رمارڪس ۾ شهر ۾ ترقياتي ڪمن جو ڪريڊٽ سنڌ حڪومت ڏانهن وڃي ٿو.

 چيف جسٽس، ميئر کان پڇيو ته ڪڏهن ٿا نالا ڏيکاريو، مون سون برساتون به شروع ٿيڻ واريون آهن.

عدالت ميئر کي نالن جي صفائي لاءِ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏيندي رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن هڪ مهيني ۾ نالن جي صفائي نه ڪرائي وئي ته پوءِ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

سپريم ڪورٽ پاڻي ڪميشن جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم جي مدي ۾ جنوري 2019 تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*