ڪراچي جي احتساب عدالت، 462 ارب رپيا ڪرپشن ريفرنس ۾ ڊاڪٽر عاصم کي علاج لاءِ 10 جولائي تائين پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

Dr Asim Case 9618 7665

ڪراچي جي احتساب عدالت، 462 ارب رپيا ڪرپشن ريفرنس ۾ ڊاڪٽر عاصم کي علاج لاءِ 10 جولائي تائين پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ عدالت ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف 462 ارب رپيا ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سمورا جوابدار پيش ٿيا.

عدالت، ڊاڪٽر عاصم جي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي درخواست منظور ڪندي کيس 12 جون کان 10 جولائي تائين اجازت ڏئي ڇڏي.

عدالت حڪم ۾ چيو ته ايندڙ ٻڌڻي کان ڪيس روزاني جي بنياد تي هلايو ويندو، جنهن کانپوءِ ٻڌڻي 11 جولائي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*