چائنه ۾ تيز برساتن کان پوءِ آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت، هڪ گم ٿي ويو آهي

China Typhoon Ewiniar Landfall 9618 7667

چائنه ۾ تيز برساتن کان پوءِ آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت، هڪ گم ٿي ويو آهي.

 پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب گوائنگ ڊانگ صوبي ۾ برسات جي شدت وڌڻ بعد نيڪال جو نظام ناڪاره بڻجي ويو، جنهن ڪري  روڊن رستن تي برساتي پاڻي وهڻ لڳو آهي، صوبي جي ڪجهه حصن ۾ 2 ميٽرن تائين پاڻي روڊن تي وهي رهيو آهي.

 زوردار برساتن کان پوءِ آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو ڦاسي پيا آهن، ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو عملي امدادي سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

 رپورٽ موجب فوت ٿيل 5 ڄڻا يونفو سٽي ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ گهر تباهه ٿيڻ سبب اجل جو شڪار ٿيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*