هالي ووڊ جي نئين هارر فلم “هيلووين” جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي

halloween 2018 9618 7668

هالي ووڊ جي نئين هارر فلم “هيلووين” جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، هي فلم ساڳئي نالي سان 1978 ع ۾ رليز ٿيل فلم جو سيڪيوئل آهي.

 نقاب پوش سيريل ڪلر جي ڪهاڻيءَ تي ٺهيل “هيلووين” فلم کي 40 سال پهريان مداحن ڀرپور موٽ ڏني هئي.

هارر فلم جي نئين سيڪيوئل ۾ اداڪاره جئمي لي ڪرٽس جي موجودگيءَ کي اهميت سان ڏٺو پيو وڃي، 58 ورهيه عمر جي اداڪاره 40 سال پهريان هيلو وين فلم جي ذريعي فلمي دنيا ۾ قدم رکيوهو، وڏي عرصي بعد ساڳئي فلم جي سيڪيوئل ۾ اچڻ تي اداڪاره کي هالي ووڊ جي “ اسڪريم ڪوئين” چيو پيو وڃي.

 دهشت ۽ خوفائتي ماحول  تي ٺاهيل هي فلم 19 آڪٽوبر تي سئنيمائن جي زينت بڻجندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*