اسان جي ڪارڪنن خلاف ڇاپن ۽ گرفتارين جو سلسلو جاري آهي،فاروق ستار

Farooq Sattar 9618 7670

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته اسان جي ڪارڪنن خلاف ڇاپن ۽ گرفتارين جو  سلسلو جاري آهي، آدمشماري ۾ ڪراچي جي عوام سان وڏي ناانصافي ڪئي وئي آهي.

ڪراچي ۾ آر او آفيس ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اسان جا 165 ڪارڪن گم ڪيا ويا آهن، جن جو ڪٿي به ڏس پتو نه ملي رهيو آهي.

فاروق ستار  چيو ته آدمشماري ۾ ڪراچي جي عوام سان وڏي ناانصافي ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته نگران حڪومت پيپلز پارٽيءَ جي آهي، اسان کي ڀت سان لڳائڻ جو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي.

فاروق ستار چيو ته  مون اليڪشن جي بائيڪاٽ جو لفظ استعمال ناهي ڪيو، ايم ڪيو ايم جي ووٽ بينڪ تي ڪو به ڌاڙو ناهي هنيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*