ڏهرڪي ۽ اوٻاوڙي ۾ صحت کاتي جي ٽيم ججن جي نگراني ۾ ڪارروائي ڪري 18 ميڊيڪل اسٽور سيل ڪري غيرمعياري دوائون هٿ ڪري ورتيون آهن

Dahrki Civil 9618 7672

ڏهرڪي ۽ اوٻاوڙي ۾ صحت کاتي جي ٽيم ججن جي نگراني ۾ ڪارروائي ڪري 18 ميڊيڪل اسٽور سيل ڪري غيرمعياري دوائون هٿ ڪري ورتيون آهن.

ڏهرڪي ۾سول جج ساجد علي چانگ جي نگراني ۾ صحت کاتي جي ٽيم ملت روڊ ، يوبي ايل چوڪ ۽ پراڻي اناج منڊي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري 12 ميڊيڪل اسٽور سيل ڪري ڇڏياآهن.

ٽيم جي اڳواڻ ڊاڪٽر غلام مصطفي چاچڙ موجب اسٽور بنالائسنس جي هلندڙ هئا، جنهن تي ڪارروائي ڪري غيرمعياري دوائون به هٿ ڪيون ويون آهن.

   جڏهن ته غير قانوني اسٽور هلائيندڙ 10 ڄڻن کي پڪڙي وڌيڪ ڪاروائي لاءِ پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيوآهي.

هوڏانهن ميرپورماٿيلي ۾ صحت کاتي جي ٽيم سيڪنڊ سول جج جي نگراني ۾مختلف هنڌن تي ڪارروائي ڪري 6 ميديڪل اسٽور سيل ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*