سلمان خان ۽ شاهه رخ خان سان گڏ ڪم ڪري سگهان ٿو، عامر خان

جيتوڻيڪ اهو چيو پيو وڃي ته بالي ووڊ جا سپر اسٽار خان هڪ فلم ۾ مشڪل سان گڏ نظر اچي سگهن ٿا پر هاڻي اهو ممڪن ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان ڪنگ خان ۽ دبنگ سلمان خان سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

عامر خان پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته شاهه رخ خان سان ڪم ڪرڻ ۾ ڪابه پرهيز نه آهي، هن سلمان خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش به ڏيکاري.

عامر خان جو چوڻ آهي ته فلم جي ڪهاڻي اهڙي هجي جنهن ۾ سلمان خان ۽ شاهه رخ خان سان گڏ ڪم ڪري سگهان، مون ته ڪڏهن ساڻن گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار نه ڪيو آهي، سٺي ڪهاڻي هجي ته گڏ ڪم ڪري سگهجي ٿو.

ٽنهي خانن کي گڏ ڏسڻ جي خواهش جيتوڻيڪ سندن مداحن جي به آهي ۽ ميڊيا ۾ به ان جو گهڻو چرچو ٿيندو رهندو آهي، پر تازو بحث ڊانس ڊائريڪٽر فرح خان جي ان بيان کانپوءِ شروع ٿيو آهي، جنهن ۾ هن ٽنهي خانن جي هڪ فلم ۾ گڏ اچڻ کي ناممڪن قرار ڏنو هو.

عامر خان ۽ سلمان خان 20 سال اڳ فلم “انداز اپنا اپنا” ۾ گڏ ڪم ڪيو هو، جنهن ڪافي مقبوليت ماڻي هئي، سلمان خان ۽ شاهه رخ خان ڪرن ارجن، ڪڇ ڪڇ هوتا هي ۽ هم تمهاري هين صنم ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن پر عامر خان ۽ شاهه رخ خان جي هن وقت تائين گڏ فلم نه آئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*