ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار کي جيل ۾ بي ڪلاس ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Rao Anwar Case 9618 7677

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار کي جيل ۾ بي ڪلاس ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار سميت ٻين جوابدارن کي پيش ڪيو ويو.

عدالت درخواست جي ٻڌڻي ڪندي رائو انوار کي جيل ۾ بي ڪلاس ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته رائو انوار کي گهر مان جيل موڪلڻ بابت ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي، تنهن ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪيو وڃي.

 عدالت روپوش جوابدار اڳوڻي ايس ايڇ او امان الله مروت، شعيب شوٽر سميت 12 کان وڌيڪ جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 14 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*