هن وقت معاملو ڪالاباغ ڊيم جو پر ملڪ مان پاڻي کوٽ کي ختم ڪرڻ جو آهي، ايندڙ وقت ۾ ملڪ وڌيڪ پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي سگهي ٿو, چيف جسٽس

Saqib Nisar 9618 7678

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو آهي ته هن وقت معاملو ڪالاباغ ڊيم جو پر ملڪ مان پاڻي کوٽ کي ختم ڪرڻ جو آهي، ايندڙ وقت ۾ ملڪ وڌيڪ پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي سگهي ٿو.

سپري ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ  ڪالاباغ  سميت مختلف ڊيمز جي تعمير بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته 10 سالن بعد ۾ ڪوئيٽا ۾ پيئڻ جو پاڻي نه هوندو، ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻو پوندو.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ڊيمن جي تعمير واري معاملي تي سپريم ڪورٽ اڳتي ويندي، عيد بعد سپريم لاءِ اينڊ جسٽس ڪميشن پاران سيمينار ڪرايو ويندو.

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته قوم اختيار ڏئي سپريم ڪورٽ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ملڪ مان پاڻي بحران حل ڪرڻ چاهيون ٿا.

واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين ظفر محمود عدالت کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم بابت عوام کي مڪمل آگاهي ناهي، تڪرار سبب چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

هن چيو ته موسمي تبديلي سبب ايندڙ وقت ۾ ملڪ پاڻي بحران کي منهن ڏئي سگهي ٿو، پاڻي زمين جي هيٺ خطرناڪ حد تائين وڃي چڪو آهي.

ظفر محمود چيو ته ڪوئيٽا جو پاڻي ايترو هيٺ وڃي چڪو آهي جو هاڻي ان جي بحالي لاءِ 200 سال لڳي ويندا.

هن چيو ته انڊس واٽر معاهدي لاءِ خطرا پيدا ٿيا آهن،ڀارت ٽن دريائن جي پاڻي تي قبضو ڪيو آهي.

هن چيو ته راوي ۽ ستلج جي پاڻي تي ڀارت جو قبضو ڪيو آهي، جڏهن ٻوڏ ايندي آهي ته ڀارت پاڻي ڇڏي ڏيندو آهي، ڀارت جي ڊيمن ۾ ٽيڪنيڪلي طور وڌيڪ پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش آهي.

ظفر محمود چيو ته ڊيمن جي معاملي تي اسان ڪوتاهيون ڪيون آهن، سڀئي حڪومتون ان ڪرمنلز غفلت جون ذميوار آهن.

هن چيو ته ڀارت مسلسل پاڻي بند ڪرڻ لاءِ اسان کي تنگ ڪندو رهندو، 90 کان 95 سيڪڙو پاڻي زراعت لاءِ استعمال ٿئي ٿو.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته پاڻي زندگي لاءِ تمام اهم آهي، ٻڌايو وڃي ته ڪورٽ ان سلسلي ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

ظفر محمود چيو ته 70 سالن بعد پاڻي پاليسي ٺاهي وئي آهي، جنهن بابت معلوم ٿيو آهي ته ڌرين جو اتفاق ناهي، سي سي آءِ ۾ ڪيئن اتفاق ڪرايو ويندو.

جسٽس فيصل عرب رمارڪس ۾ چيو ته 80 واري ڏهاڪي کان ڪالاباغ ڊيم جي تڪرار بابت ٻڌندا پيا اچون،جن ڊيمن تي تڪرار ناهي اهي ڇو نٿا ٺهرايا وڃن.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته مختلف وقتن تي حڪومتن ڊيمز ٺاهڻ بابت اعلان ڪيا، ڇا انهن اعلانن تي عمل ناهي ٿي سگهيو.

Comments

  1. zahid shar
    zahid shar 12 June, 2018, 08:46

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*