صدر مملڪت ممنون حسين چيو آهي ته افغان صدر طرفان طالبان کي سهڪار واري آڇ جي آجيان ڪيون ٿا

mamnoon husain

صدر مملڪت ممنون حسين چيو آهي ته افغان صدر طرفان طالبان کي سهڪار واري آڇ جي آجيان ڪيون ٿا.

  چين ۾ شنگهائي سهڪاري تنظيم جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام گڏيل خواهش آهي، جنهن لاءِ پاڪستان پنهنجو سهڪار جاري رکندو، افغانستان ۾ جنگبندي هڪ مثبت اڳڀرائي آهي.

صدر ممنون حسين چيو ته  پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال بهترٿي آهي، جمهوري قدر ۽ ادارا مضبوط ٿيا آهن، سي پيڪ پاڪستاني معيشت کي تقويت ڏني، خطي جي سڀني ترقياتي منصوبن جي حمايت ڪئي ويندي.

 صدر ممنون حسين وڌيڪ چيو ته سي پيڪ اسان جي ڪاميابين کي وڌيڪ تقويت ڏني آهي، پاڪستان ۾ 9 صنعتي زونز ٺاهيا پيا وڃن، اميد ته اليڪشن بعد پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي.

 چين ۾ جاري شنگهائي سهڪاري تنظيم جي اجلاس ۾ چيني صدر شي جن پنگ، روسي صدر ولاديمير پيوٽن، هندستاني وزيراعظم نريندر مودي ۽ ٻين ميمبر ملڪن ڪرغيزستان، ڪازغستان، تاجڪستان، ازبڪستان جا سربراهه شريڪ آهن..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*