پنجاب جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروايون ڪندي ٽن ڏوهارين سميت 50 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو

Punjab-Police-27417

پنجاب جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروايون ڪندي ٽن ڏوهارين سميت 50 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب، سرچ آپريشن دوران 2 سئو گهرن جي تلاشي ورتي  وئي، جڏهن ته 180 ماڻهن جي بائيوميٽرڪ تصديق به ڪئي وئي آهي.

رات دير سان  پوليس ميانوالي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ حساس ادارن گڏيل سرچ آپريشن ڪري 50 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب، سرچ آپريشن دوران 200 سئو گهرن جي جهڙتي ورتي وئي، جڏهن ته 180 ڄڻن جي بائيوميٽرڪ تصديق به ڪئي وئي آهي.

هوڏانهن گوجرا واري علائقي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ عورت سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب، حراست ۾ ورتل جوابدارن وٽان 84 شراب جون بوتلون هٿ ڪيو ويون آهن، جنهن کي عيد جي ڏينهن وڪرو ڪيو وڃي ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*