مسلم ليگ ن عام چوندن لاءِ پهرين مرحلي ۾ اڄ ٽڪيٽون حاصل ڪندڙ اميدوارن جو اعلان ڪري رهي آهي

pml n

مسلم ليگ ن عام چوندن لاءِ پهرين مرحلي ۾ اڄ ٽڪيٽون حاصل ڪندڙ اميدوارن جو اعلان ڪري رهي آهي، ٻئي مرحلي ۾ صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي لاءِ اميدوارن جو اعلان ڪيو ويندو.

ملڪ ۾ عام چونڊن جي لاءِ سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، مسلم ليگ ن پاران به  ٽڪيٽون حاصل ڪندڙ اميدوارن جو اعلان اڄ ڪيو ويندو.

اميدوارن جي نالن سان گڏ سندن تڪ جو نالو به جاري ڪيو ويندو، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ اميدوارن جو اعلان ڪيو ويندو.

ذريعن موجب، 70 سيڪڙو ٽڪيٽون قومي ۽ صوبائي اسيملبي جي  پراڻن ميمبرن کي ڏنيون  وينديون. جڏهن ته اڪثر اميدوارن خلاف ڪيس داخل هئڻ سبب متبادل اميدوار کي آندو ويندو. جڏهن ته ڪجهه تڪن ۾ 3 کان چار ڪورننگ اميدوار به هوندا.

هوڏانهن چوڌري نثار کي پارٽيءَ جي ٽڪيٽ ڏيڻ تان نواز شريف ۽ شهباز شريف وچ ۾ اختلاف نه نبري سگهيا آهن،

ذريعن موجب نوازشريف جو موقف آهي ته چوڌري نثار پاران درخواست نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندس جاءِ تي ٻئي ڪنهن اميدوار کي ٽڪيٽ ڏني وڃي، شهباز شريف جو اصرار  آهي ته درخواست نه ڏيڻ جي صورت ۾ به چوڌري نثار کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*