ڏکڻ آفريڪا هڪ طرفي مقابلي بعد سري لنڪن ٽيم کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم 11هين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي پهرين ڪوارٽر فائنل ۾ جيپي ڊوميني جي شاندار هيٽرڪ ۽ عمران طاهر جي چار وڪيٽن سبب هڪ طرفي مقابلي بعد سري لنڪن ٽيم کي 9 وڪيٽن تان  شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ کيڏي ويل ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي پهرين ڪوارٽر فائنل ميچ ۾سري لنڪن ٽيم جي ڪپتان اينجلو ميٿيوز ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جوفيصلو ڪيو،جيڪو غلط ثابت ٿيو.

ميچ جي شروع ۾ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالرز ڊيل اسٽين ۽ ڪيل ايبٽ سري لنڪن بيٽسمينن کي دٻاءِ هيٺ رکيو، جنهن بعد اسپنرز پنهنجو ڪمال ڏيکاري بيسٽيمنن کي آئوٽ ڪيو.

سري لنڪن بيٽنگ ميگا ايونٽ ۾ اڄ پهرين ڀيرو مڪمل ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم 37 ڏهائي 2 اوورس ۾ 133رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

سري لنڪن ٽيم پاران ڪمارا سنگاڪارا 96 بالن تي 3چونڪن جي مدد سان 45، ٿرماني 41۽ اينجلو ميٿيوز 19 رنز اسڪور ڪري نمايا بيٽسمين رهيا، جڏهن ته ٻيو ڪوبه بيٽسمين بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرونه ڪري سگهيو.

عمران طاهر 8 ڏهائي 2 اوورس ۾ 26رنز ڏئي 4، جيپي ڊيومني 9 اوورس ۾ هڪ اوور ميڊن ڪري 29رنز ڏئي 3، جڏهن ته ڊيل اسٽين ۽ڪيل ايبٽ هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ڊيومني 33هين اوورجي آخري بال تي سري لنڪن ڪپتان اينجلو ميٿيوز کي آئوٽ ڪيو، جنهن بعد هن پنهنجي ٻئي اوور جي پهرين بال تي ڪلاسيڪار ۽ ٻئي بال تي ٿرندو ڪوشل کي آئوٽ ڪري ورلڊڪپ ۾ هيٽرڪ ڪندڙ پهريون ڏکڻ آفريڪي بالر ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.

ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم سري لنڪن ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 134رنز جو ٽارگيٽ 18 اوورس ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ڪاميابي ماڻي ميگا ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي.

ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم پاران هاشم عاملا 16رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ڪانٽن ڊي ڪوڪ 78۽ فاف ڊيو پليسز 21 رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ليگ اسپنر عمران  طاهر کي 4 وڪيٽن حاصل ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

واضح رهي ته ان شڪست بعد ڪمار سنگاڪارا ۽ مهيلا جي ورڌني جي ون ڊي ڪيريئر جي به پڄاڻي ٿي وئي، ٻنهي رانديگرن ورلڊ ڪپ کان پهرين اعلان ڪيو هو ته هي ورلڊڪپ انهن جي ون ڊي ڪيريئر جو آخر ايونٽ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*