ٽڪيٽن جي ورڇ واري معاملي تي تحريڪ انصاف جا ڪارڪن سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن

pti

ٽڪيٽن جي ورڇ واري معاملي تي تحريڪ انصاف جا ڪارڪن سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن، ناراض ڪارڪنن بني گالا ۾ عمران خان جي رهائش گاهه ٻاهران احتجاج ڪيو، پشاور ۾ ورڪرز اتحاد تحت چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

عام چونڊن لاءِ سياسي پارٽين کي ٽڪيٽون ورڇ ڪرڻ دوران ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ٽڪيٽن جي ورڇ تي ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن ناراض ٿي ويا آهن.

تحريڪ انصاف جا ڪارڪن به ٽڪيٽن واري معاملي تي سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن، رات دير سان ڪارڪنن بني گالا ۾ عمران خان جي گهر  ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ٽڪيٽن واري معاملي تحريڪ انصاف جا ڪارڪن قيادت کان ناراض ٿيندي نظر اچي  رهيا آهن، پشاور ۾ ٽڪيٽن جي غير منصفاڻي ورڇ سبب فيز ٿري چوڪ ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ٽائري ساڙي احتجاج ڪيو.

پشاور ۾ ورڪرز اتحاد تحت چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته پي ٽي آءِ پاران ڪارڪنن جي احتجاج ۽ تنقيد کانپوءِ فردوس عاشق اعواڻ ۽ شهريار آفريدي کي ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون اهن، فردوس عاشق اعواڻ کي اين اي 72 سيالڪوٽ ۽ شهريار آفريدي کي ڪوهاٽ لاءِ ٽڪيٽ ڏني وئي، شوڪت يوسفزئي شانگلا ۽ حميده شاهد اپر دير مان صوبائي تڪ تي چونڊ وڙهندي،

پي ٽي آءِ ترجمان موجب اپر دير ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن عورت کي چونڊ وڙهڻ لاءِ ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*