آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ چيو آهي ته اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ اُن سان ٿيندڙ ملاقات امن جو واحد موقعو آهي

trump-us-president-71117

آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ چيو آهي ته اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ اُن سان ٿيندڙ ملاقات امن جو واحد موقعو آهي، ڪم جونگ اُن ۽ صدر ٽرمپ وچ ۾  هي اهم ملاقات 12 جون تي سنگاپور ۾ ٿيندي.

 ڪينيڊا ۾ جَي سيون سربراهي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ٽرمپ هن ملاقات کي امن جو مشن قرار ڏنو ۽ چيو ته اتر ڪوريا جو سربراهه پنهنجي ماڻهن، پنهنجي ڪٽنب ۽ خود لاءِ ڪجهه مثبت ڪري سگهي ٿو.

 هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا کي اميد آهي ته هن ملاقات سان هڪ اهڙي مرحلي جو آغاز ٿيندو جنهن ۾ ڪم جونگ اُن آخرڪار پنهنجي ايٽمي هٿيارن تي ڪم بند ڪري ڇڏيندو.

 ٻئي طرف سنگاپور ۾ ٻنهي ملڪن جي سربراهي اجلاس جي پيش نظر سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*