سنڌ هاءِ ڪورٽ متحده ڪارڪن تي تشدد بابت فاروق ستار جي درخواست رد ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ متحده ڪارڪن فهد عزير تي تشدد بابت پوليس خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري متحده اڳواڻ فاروق ستار جي داخل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ متحده ڪارڪنن فهد عزير تي تشدد خلاف داخل درخواست نجي اسپتال جي ميڊيڪل رپورٽ جي روشني ۾ رد ڪئي.

درخواستگذار متحده اڳواڻ فاروق ستار درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي فهد عزير کي شادي واري ڏينهن پوليس گرفتار ڪري، سخت تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جو ڪيس شاهد حيات تي ڪيس داخل ڪيو وڃي.

عدالت چيو آهي ته نجي اسپتال پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته متحده ڪارڪنن فهد عزير جي جسم تي ڪنهن به قسم جي تشدد جا نشان ناهن مليا.

عدالت متحده اڳواڻ فاروق ستار جي جي ان وقت جي ڪراچي چيف شاهد حيات خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*