سپريم ڪورٽ خديجا ڪيس ۾ جوابدار جي بريت خلاف داخل درخواست جسٽس آصف سعيد کوسا ڏانهن اماڻي ڇڏي

lahore supreme courtt

سپريم ڪورٽ خديجا ڪيس ۾ جوابدار جي بريت خلاف داخل درخواست جسٽس آصف سعيد کوسا ڏانهن اماڻي ڇڏي، خديجه چيو آهي ته، ڪيس کانپوءِ مون کي طعنا ۽ ڌمڪيون ملي رهيون آهن، عدالت مان انصاف جي اميد آهي

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ خديجا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. شاگردياڻي خديجا ۽ جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران شاگردياڻي روسٽرم تي اچي چيو ته کيس طعنا ۽ ڌمڪيون ملي رهيون آهن.  مون کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

اُن موقعي تي جوابدار شاهه حسين چيو ته، مون تي لڳايل الزامن جا ثبوت پيش ڪيا وڃن،

جوابدار چيو ته عورت شاديءَ لاءِ زور ڀريو ۽ انڪار ڪرڻ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو،

عدالت خديجا ڪيس ۾ جوابدار جي بريت خلاف داخل اپيل جسٽس  آصف سعيد کوسا ڏانهن اماڻي ڇڏي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*