خيرپرو ناٿن شاهه ۽ ڀان سيد آباد ويجهو ڌار ڌار حادثن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Accident-Road-27217

خيرپرو ناٿن شاهه ۽ ڀان سيد آباد ويجهو ڌار ڌار حادثن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

خيرپوناٿن شاهه ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪار وڻ سان ٽڪرائجي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ اڍائي ورهين جي انيا ٿڏي تي فوت ۽ مسمات کتويران، عثمان، محمد نور، احمد نور ۽ ساجد زخمي ٿي پيا.

فوتي جو ٻارڙي جو لاش ۽ زخمين کي خيرپور ناٿن شاهه اسپتال آندو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏئي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته وارثن لاش کڻائي ويا.

ڀان سيد آباد ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪار ۽ رڪشا ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڀان واسي ڊاڪٽر ڌرمداس، شوڪت کوسو ۽ سندس ٻه ٻارڙا زخمي ٿي پيا.

زخمين کي مقامي اسپتال ۾ طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*