ٺٽي جي سول اسپتال جي نرسري شعبي مان 2 ڏينهن اڳ ڄاول ٻارڙو مبينا پراسرار طور گم ٿي ويو آهي

thatta-06

ٺٽي جي سول اسپتال جي نرسري شعبي مان 2 ڏينهن اڳ ڄاول ٻارڙو مبينا پراسرار طور گم ٿي ويو آهي، وارثن اسپتال انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي، عملي جو چوڻ آهي ته ٻارڙو ڪالهه وارثن حوالي ڪري ڇڏيو هو.

ٺٽو سول اسپتال جي نرسري شعبي مان عملي جي مبينا غفلت سبب 2 ڏينهن اڳ ڄاول عبدالصمد ڪهرائي جو پٽ پراسرار طور گم ٿي ويو آهي.

گم ٿيل ٻارڙي جي وارثن اسپتال جي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته 2 ڏينهن اڳ ڄاول ٻارڙي کي طبيعت خراب ٿيڻ سبب نرسري شعبي ۾ داخل ڪرايو هو، جنهن کي عملي ڪالهه ماءُ جو کير پيئارڻ کانپوءِ گم ڪر ڇڏيو آهي.

نرسري شعبي جي عملي جو چوڻ آهي ته ڪالهه ئي ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو هو، گم ڪرڻ جو الزام غلط آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*