آمريڪي صدر ٽرمپ چيو آهي ته هو اتر ڪوريائي هم منصب سان ملاقات بابت بهتر محسوس ڪري رهيو آهي ۽ سنگاپور ۾ ماحول ۾ جوش ۽ خروش آهي

trump-us-president-71117

آمريڪي صدر ٽرمپ چيو آهي ته هو اتر ڪوريائي هم منصب سان ملاقات بابت بهتر محسوس ڪري رهيو آهي ۽  سنگاپور ۾ ماحول ۾ جوش ۽ خروش آهي.

 آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ اترڪوريائي سربراهه ڪم جونگ اُن ۾ تاريخي ملاقات سڀاڻي سنگاپور ۾ ٿيندي، ٻئي اڳواڻ سربراهي ملاقات لاءِ سنگاپو۾ ترسيل آهن، تاريخي ملاقات لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

 هن ملاقت جي باري ۾ ڪم جونگ اُن چيو آهي ته سڄي دنيا ڏسي رهي آهي، جڏهن ته صدر ٽرمپ چيو آهي ته هو بهتر محسوس ڪري رهيو آهي ۽ اڄ صبح جو هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سنگاپور ۾ ماحول ۾ جوش ۽ خروش آهي.

 ٻئي سربراهه سنگاپور ۾ ڌار ڌار هوٽلن ۾ ترسيا آهن، ڪم جونگ اُن ۽ ٽرمپ ۾ هي تاريخي ملاقات تفريحي ٻيٽ سينٽوسا تي ٿيندي.

 اترڪوريا جي سرڪاري نيوز ايجنسي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ ڪوريائي خطي ۾ امن جي مستقل ۽ ديرپا طريقي ڪار تي ڳالهه ٻول ٿيندي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته تبديلي جو دور شروع ٿيڻ وارو آهي.

 ٻئي طرف ڏکڻ ڪوريا جي هڪ خابرو اداري چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جا سينيئر سفارتڪار اڄ هڪٻئي سان ملاقات ڪندا ته جيئن هڪ معاهدي جو مسودو پنهنجي سربراهن کي پيش ڪري سگهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*