سپريم ڪورٽ نادرا کي پرويز مشرف جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بحال ڪرڻ سان گڏ ٽرائيل لاءِ ٻن ڏينهن ۾ خاص عدالت قائم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

lahore supreme court

سپريم ڪورٽ نادرا کي پرويز مشرف جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بحال ڪرڻ سان گڏ ٽرائيل لاءِ ٻن ڏينهن ۾ خاص عدالت قائم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته پرويز مشرف کي واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏيڻ گهرجي.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ پرويز مشرف جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو ته پرويز مشرف کي ايئرپورٽ کان عدالت تائين گرفتار نه ڪيو وڃي.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته اسان مشرف کي واپسي لاءِ تحفظ فراهم ڪيو آهي، کيس واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏيڻ گهرجي.

سپريم ڪورٽ نادرا کي پرويز مشرف جو پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بحال ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي.

سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي ٽرائيل لاءِ ٻن ڏينهن ۾ خاص عدالت قائم ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*