شريف ڪٽنب جي العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس کان وڪيل خواجه حارث پنهنجو وڪالت نامو واپس وٺي ڇڏيو

nawaz shareef

شريف ڪٽنب جي العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس کان وڪيل خواجه حارث پنهنجو وڪالت نامو واپس وٺي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ اسلام آباد جي احتساب عدالت العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ڪري ڇڏي.

وڪيل خواجا حارث چيو ته سپريم ڪورٽ شريف ڪٽنب خلاف ٽنهي ريفرنسز کي مهيني ۾ اڪلائڻ جو حڪم ڏنو آهي، جيڪو ممڪن ناهي.

خواجا حارث چيو ته عدالت آچر ڏينهن به ٻڌڻي لاءِ چيو جيڪو ممڪن ناهي، عدالت کي مون ريفرنس جي ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ لاءِ 6 هفتن لاءِ درخواست ڪئي پر عدالت هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڪيو.

هن چيو ته ايتري وقت ۾ ريفرنس جي پيروي نٿو ڪري سگهان، جنهن ڪري پنهنجو وڪالت نامو واپس وٺي رهيو آهيان.

خواجه حارث چيو ته دٻاءُ ۾ اچي ڪم نٿو ڪري سگهان، عدالت هڪ مهيني اندر انصاف فراهم نٿي ڪري سگهي.

عدالت جوابدار نواز شريف کي سڀاڻي تائين وڪيل ڪرڻ جي مهلت ڏيندي العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*