سپريم ڪورٽ موبائيل ڪارڊز تي ٽيڪس ڪٽوتي معطل ڪري ڇڏي، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته 100 رپين جي ڪارڊ تي 38 روپيا ٽيڪس ڪٽڻ غير قانوني آهي

supreme court

سپريم ڪورٽ موبائيل ڪارڊز تي ٽيڪس ڪٽوتي معطل ڪري ڇڏي، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته 100 رپين جي ڪارڊ تي 38 روپيا ٽيڪس ڪٽڻ غير قانوني آهي.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت موبائيل ڪارڊز تان ٽيڪس ڪٽوتي کي معطل ڪندي ڪمپنين ۽ ايف بي آر کي ٻن ڏينهن  ۾فيصلي تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو ته موبائل سمز ڪمپنيون عوام کي لٽي رهيون آهن.

جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ۾ چيو ته ريڙهو هلائيندڙ کان ڪيئن ٽيڪس ورتو پيو وڃي؟.

سپريم ڪورٽ رمارڪس ۾ چيو ته ڪمپنين پاران ٽيڪس وصولي بابت واضح پاليسي جوڙڻ گهرجي، جيڪو ماڻهو ٽيڪس نيٽورڪ ۾ نٿو اچي، ان کان ڪيئن ٽيڪس ورتو پيو وڃي؟.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*